سنت ڪشنداس

سنت ڪشنداس: سنت ڪشنداس ولد سانولداس ڀمڀاڻي اوڻيهين صديءَ ڌاري هالاڻي شهر، تعلقي محرابپور ۾ جنم ورتو. سندس پهريون نالو رامون هو. رامون هالاڻي درٻار جون مٽيون ڀريندو ۽ خدمت ڪندو هو. رات جي وقت پوڄا پاٺ ڪندو هو. جڏهن سنت نارائڻداس وصال ڪيو ته بابا گرپت صاحب رامون کي بيک ڏئي گاديءَ تي ويهاريو ۽ سندس نئون نالو ڪشنداس رکيو. ڪشنداس گرٻاڻي ڏاڍي سُر سان پڙهندو هو. سندس صدق ۽ حقيقي رنگ ڏسي مسلمان پڻ کيس مڃتا ڏيـندا هئا.
سنت ڪشنداس جي معتقدن جو وڏو تعداد درٻار تي اچي حاضري ڀريندو هو. سنت ڪشنداس 1903ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ سنت ڪشنداسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو